ضياء الدين شيخ سهروردي

ضياء الدين شيخ سهروردي: نامور صوفي بزرگ شيخ ضياء الدين ابو نجيب پهريون سهروردي بزرگ آهي جنهن جي ولادت 490 هه/1097ع ۾ ٿي. هي عبدالقادر جي نالي سان پڻ مشهور آهي. سهروردي سلسلي جو نامور ۽ وڏي پايي جو بزرگ شيخ شهاب الدين عمر سهر وردي اصل ۾ شيخ ضياءَ الدين ابو نجيب جو سڳو ڀائٽيو ۽ شاگرد هو. سهروردي سلسلو شيخ عمر شهاب الدين کان هلندو اچي پر دراصل پهريون سهروردي بزرگ شيخ ضياء الدين ابو نجيب، ٻيو نمبر سهروردي بزرگ شيخ عمر شهاب الدين سهروردي ۽ ٽيون شيخ عمر شهاب الدين جو ڀاڻيجو شيخ شهاب الدين ابو الفتح المقول سهروردي آهي. جيڪو اشراقي فرقي جو باني پڻ هو.
شيخ ابو نجيب سهرورد جي علائقي ۾ گوشه نشيني مان نڪري بغداد ۽ دجله جي ڪناري تي پنهنجي خانقاهه قائم ڪئي، هي بزرگ ايترو ته مشهور ٿيو جو ابن نجار پنهنجي ڪتاب ’تاريخ بغداد‘ ۾ سندس هٿ اکر لکيل شجرهء نسب (سهروردي خاندان جو) شامل ڪيو. ’وفيات الاعيان‘ ۾ شيخ ضياء الدين سهروردي بابت ابن خلڪان لکي ٿو ته، ’ابو نجيب عبدالقادر پنهنجي وقت جو وڏو شيخ هو. هو سهرورد ۾ اٽڪل 490هه/1097ع ۾ ڄائو. ڳوٺ ڇڏي بغداد رسيو، جتي ”مدرسهء نظاميه“ ۾ شيخ اسعد المبهني ۽ ٻين استادن وٽ فقھ پڙهيو. فارغ التحصيل ٿيڻ کانپوءِ کيس گوشه نشيني اختيار ڪرڻ جو جوش جاڳيو ۽ هو آهسته آهسته صوفين جي رستي تي هلڻ لڳو. گهڻو عرصو ماڻهن سان ميل جول ڪرڻ کان پري رهيو ۽ خدا جي ياد ۾ مشغول رهيو. وڏي عرصي کانپوءِ واپس اچي هڪ جماعت (سهروردي) کي الله تعاليٰ سان محبت ۽ ان جي پيروري ڪرڻ واري رستي تي سڏڻ لڳو. هي وعظ ۽ نصيحت ڪندو هو، جنهن ڪري خدا جي مخلوق جو وڏو حصو هن ڏانهن رجوع ڪرڻ لڳو.“ شيخ ضياء الدين ابو نجيب بغداد ۾ هڪ خانقاه تعمير ڪرائي جنهن ۾هن جا نيڪ مريد رهندا هئا. اتي ئي پنهنجي طريقي تي هڪ ڪتاب ”آداب المريدين‘ نالي لکيو جيڪو ڏاڍو مشهور ٿيو. جنهن کان پوءِ کيس ’مدرسه نظاميه‘ ۾ تدريس جي آڇ ٿي هن اها آڇ قبول ڪئي ۽ ڪافي عرصي تائين انهي مدرسي ۾ درس ڏيندو رهيو. گڏوگڏ پنهنجي طريقي (سروردي) جي پرچار به ڪندو رهيو. حقيقي معنيٰ ۾ شيخ عبدالقادر ابو نجيب ئي سهروردي طريقي جو باني آهي. هن بزرگ مختلف مدرسن ۾ ديني تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ پنهنجي عبادت ۽ رياضت کي پڻ جاري رکيو. شيخ ضياء الدين 74 سالن جي عمر ۾ جمعي جي ڏينهن 17 جماد الثاني 563 هه/5 اپريل 1168ع تي بغداد ۾ وفات ڪئي. کيس سندس خانقاهه ۾ دفن ڪيو ويو. هن جي وفات کانپوءِ سندس ڀائيٽي شيخ الشيخ شهاب الدين عمر سهروردي سندس ڏسيل طريقي ’سهرورديه‘ کي اڳتي وڌايو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو